APP86-07 ISLAMABAD: November 07 - Ambassador of Yemen Mohammed Motahar Alashabi called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي روشني ۾ يمني تڪرار جي جلد حل لاءِ پاڪستان جي حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته يمن ۾ تڪرار سان علائقائي امن ۽ استحڪام متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ان جو ڪو فوجي حل نه آهي. هن اها ڳالهه يمن جي سفير محمد مطاهرالشعبي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس خيرسگالي ملاقات ڪئي.