APP84-07 ISLAMABAD: November 07 - MNAs from Peshawar, Mardan, Nowshera, Swabi and Charsadda called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، امن امان قائم ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي روايت جو بنياد رکنداسين، احتساب کان ڊنل عنصرن جي گوڙ کي نظر ۾ رکندي حڪومت عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي. هن اها ڳالهه صوابي، مردان، چارسده، نوشهره ۽ پشاور سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.