APP42-25 ISLAMABAD: June 25 - Federal Minister for IBNH &LH Barrister Syed Ali Zafar addressing Seminar on CPEC and Role of Media organized by Council of Pakistan Newspaper Editors (CPNE) at a local hotel. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي، علائقائي رابطن جي فروغ جو ڊگهي مدي وارو منصوبو آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) حقيقت ۾ سدائين قائم رهندڙ دوستي جو مثال آهي. هو سي پي اين اي جي اهتمام هيٺ تقريب جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي، ٻنهي ملڪن کي حقيقت ۾ ان دوستي سان فائدو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪيترائي سال اڳ چين اڪيلو ٿي ويو هو ۽ پاڪستان جي قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) پهرين غيرملڪي عالمي ايئرلائين هئي جنهن چين جي لاءِ اڏام ڪئي. هن چيو ته اسان ڳالهيون شروع ڪيون ۽ آمريڪا ۽ چين جي لاءِ ممڪن بڻايو ته اهي ڳالهيون ڪن اهو هڪ اهڙي دور ۾ ٿيو جڏهن دنيا اوڀر ۽ اولهه، سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ورهايل هئي.