اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي مان ۾ بوسنيا هرزيگووينا جي پارليامينٽ ۾ شاندار استقبال واري تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم سرڪاري دوري جي شروعات ۾ انسٽيٽيوشنز بلڊنگ – پارليامينٽ آف بوسنيا هرزيگووينا پهچڻ تي باقاعده شاندار استقبال واري تقريب منعقد ڪئي وئي جتي ڪائونسل آف منسٽرز جي چيئرمين (وزيراعظم) ڊاڪٽر ڊينس زيودي وچ سندس استقبال ڪيو.