APP66-08 ISLAMABAD: December 08 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif chairs meeting to inquire about the circumstances around the unfortunate PIA ATR crash near Havelian last day, at PM House. APP

اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سيفٽي انويسٽيگيشن بورڊ جي ذريعي جهاز حادثي جي تفصيلي، آزاداڻي ۽ شفاف جاچ جلد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته انڪوائري ڪميٽي ۾ پاڪ فضائيه جو هڪ سينئر آفيسر به شامل هجي. وزيراعظم هائوس ۾ پي آءِ اي جي جهاز حادثي جا سبب ڄاڻڻ بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته ضروري آهي ته سچ سامهون آندو وڃي جنهن کان عوام کي جلد آگاهه ڪيو وڃي.