APP10-07 ISLAMABAD: October 07 – Advisor to Prime Minister Jam Mashooq Ali called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين سان وزيراعظم جي صلاحڪار ڄام معشوق علي ۽ وزيراعظم جي پوليٽيڪل سيڪريٽري آصف ڪرماڻي ملاقات ڪئي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ممنون حسين ان موقعي تي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت جي پاليسي درست رخ ۾ آهي، ان سلسلي ۾ عوامي نمائندن ۽ سيڙپڪاري عملدارن کي عوام سان سڌو سنون رابطو رکڻ گهرجي. صدر سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ ان ۾ مڪمل شفافيت کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.