APP18-06 ISLAMABAD: October 06 - Chairperson Benazir Income Support Programme Marvi Memon called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ضرورتمند ماڻهن جي بهتري ۽ انهن جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي عورتن جي حالتن ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ لاءِ بي آءِ ايس پي جهڙن پروگرامن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ سان ملاقات دوران چئي جنهن ۾ چيئرپرسن پنهنجي اداري جي سالياني ڪارڪردگي جي رپورٽ صدر کي پيش ڪئي ۽ اداري جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو.