اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 8 اپريل تي بنگلاديش ۾ منعقد ٿيندڙ 10 هين ڊي ايٽ ورچوئل سربراهه اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي 19 هين پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جيڪو اجلاس کان اڳ ٿيندو. پرڏيهي آفيس موجب ان سربراهي اجلاس ۾ بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، ملائيشيا، نائجيريا، ترڪيءَ ۽ پاڪستان سميت 8 ڊي ايٽ ميمبر ملڪن جا رياستي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪندا.