APP03-011220 ISLAMABAD: December 01 - President Dr Arif Alvi conferring Nishan-e-Imtiaz (Military) on Minister of National Defence of China, General Wei Fenghe at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي دفاع واري وزير وي فنگ هي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. معزز مهمان کي ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ۾ ان اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو خاص معاون معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.