APP21-24 KARACHI: October 24 - President Dr. Arif Alvi chairing the 44th senate meeting of Federal Urdu University at Governor House. APP

ڪراچي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جو گورنر هائوس ڪراچي ۾ 44 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي انتظامي ۽ مالي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اردو يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ بڻجڻ جي صلاحيت موجود آهي.