APP47-21 ISLAMABAD: September 21 - Outgoing Chinese Ambassador H.E Mr. Yao Jing paid farewell call on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير يائو جنگ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهڻ واري تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ گهرو ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ سفير يائو جنگ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. وزيراعظم چيني قيادت جي پنهنجي عوام جي لاءِ ترجيحن کي ساراهيندي چيو ته چيني قيادت ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان اقتصادي ترقي ۽ غربت جي خاتمي جي حوالي سان چين جي تجربن مان فائدو کڻي سگهون ٿا.