APP75-14 ISLAMABAD: February 14 – Prime Minister Imran Khan and President of Turkey Recep Tayyip Erdogan signing Joint Declaration between Pakistan and Turkey on Friday. APP

اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپار سميت سياحت، دفاع ۽ انفراسٽرڪچر جي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون، معاهدن، پروٽوڪول ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي 13 دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون، تعاون جي دستاويزن جي صحيح جي تقريب ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وزيراعظم عمران خان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿي، ٻنهي اڳوڻن ترڪ وفد ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي وچ ۾ صحيحن جي تقريب جو مشاهدو ڪيو.