APP70-14 ISLAMABAD: February 14 – Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr Firdous Ashiq Awan in a meeting with H.E Dr Serdar Cam Dy Tourism Minister of Turkey. APP

اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا اسلامي ورثي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن جيڪي رياستن تائين محدود ناهن پر ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهري رشتي جو آئنيدار آهن، ترڪي ڪشمير مسئلي جي جهڙي طرح حمايت ڪئي اسان کي ان تي فخر آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي آر ٽي جي وچ ۾ پروٽوڪول تي صحيحن سان ميڊيا، اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي سياحت واري ڊپٽي وزير سان ملاقات دوران ڪيو.