APP34-13 ISLAMABAD: February 13 - Ambassador-designate to South Korea, Ms. Mumtaz Zahra Baloch called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن کي واپار ۽ معيشت جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪورين ڪمپنين ۽ ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ سهولتن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ ڪوريا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ممتاز زهره بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.