APP83-14 ISLAMABAD: February 14 – Prime Minister Imran Khan and President of Turkey Recep Tayyip Erdogan during Joint Press Stakeout on Friday. APP

اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ٿيڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي هڪٻئي جي موقف جا حامي آهن ۽ ڪالهه وانگر اڄ به گڏ بيٺل آهن، پاڪستان سياحت ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن جي ترقي لاءِ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون ترڪ صدر کي پاڪستان اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو، اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر رجب طيب اردوان جي خطاب کي پاڪستاني عوام تمام گهڻو ساراهيو، هو پاڪستان ۾ ايترو مقبول آهي جو جيڪڏهن چونڊ وڙهي ته هو ڪلين سوئپ ڪري ويندو.