APP57-18 LAHORE: January 18 - Punjab Chief Minister Sardar Usman Buzdar in a meeting with Speical Assistant to PM for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan. APP

لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار چيو آهي ته تنقيد براءِ تنقيد ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نه آهن، اهڙن عنصرن جي ذاتي مفادن جي ايجنڊا آهي، اسان جو ڪم ۽ مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، آئون عوام جي حقن جو نگهبان آهيان، ڪنهن کي عوام جي مفادن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات ۾ ڪيو.