APP04-20 ISLAMABAD: January 20 - Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue Dr Abdul Hafeez Shaikh chairing a meeting of Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet on Monday. APP

اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن جي پهرين کيپ 15 فيبروري تي ملڪ پهچڻ جي اميد آهي جڏهن ته 31 مارچ تائين 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.