APP69-16 ISLAMBAD: January 16 - Prime Minister Imran Khan chairing high-level meeting on Kashmir. APP

اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ٻين سينئر سول ۽ فوجي عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو.