APP06-18 LAHORE: January 18 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan donating blood during her visit to Sundas Foundation. APP Photo by Mustafa Lashari

لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سُندس فائونڊيشن جو دورو ڪيو، رت جو عطيو ڏنو ۽ شاگردي واري زماني، ڊاڪٽري پيشي سان واڳيل هجڻ سان گڏوگڏ بطور سوشل ورڪر يادون تازيون ڪيون، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته 22 ڀيرا سُندس فائونڊيشن کي پنهنجو رت عطيو ڪري چڪي آهيان ۽ سُندس فائونڊيشن قائم ٿيڻ کان وٺي هن اداري سان واڳيل آهيان.