APP68-02 ISLAMABAD: December 02 - President Dr. Arif Alvi addressing the Conference "Sustainable Development in a Digital Society" at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انقلابي تبديليون آيون آهن، پاڪستان به ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال سان فائدو کڻي سگهي ٿو، اسان کي پاڪستان ۾ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ڊيجيٽل معاشري ۾ پائيدار ترقي جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته چوٿين صنعتي انقلاب زندگي جي هر شعبي ۾ اهم اثر ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال سان دنيا ۾ انقلابي تبديليون آيون آهن.