APP51-03 ISLAMABAD: December 03 - Advisor to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs, Abdul Hafeez Sheikh, Federal Minister for Economic Affairs Muhammad Hammad Azhar and Chairman Federal Board of Revenue, Syed Mohammad Shabbar Zaidi addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته معيشت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن پر حڪومت پرعزم آهي، اسان معيشت کي ڏيوالپڻي کان بچائي استحڪام طرف آندو آهي ۽ حڪومتي قدمن سان مالياتي خسارو 13 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ سوا ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته حڪومت ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻي کان بچائي هاڻي استحڪام طرف آندو آهي، سڌارن جي نتيجي ۾ مالياتي خسارو 13 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي.