APP52-11 ISLAMABAD: November 11 - Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan, Advisor to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs Abdul Hafeez Sheikh, Federal Minister for Economic Affairs Muhammad Hammad Azhar and Chairman Federal Board of Revenue Syed Mohammad Shabbar Zaidi addressing a joint press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذاتي کيسا ڀرڻ بدران قومي ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصادي ۽ معاشي قدمن سان سيڙپڪاري کي فروغ ۽ صنعتي ترقي جا موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ته قومي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ عوام کي ان جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي روانگي واپار کي فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، واپاري ۽ اڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.