اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي گرمجوشي سان ملاقات جو انداز آئرن برادرز جي عظيم دوستي جو ثبوت آهي، اها دوستي خطي ۽ دنيا ۾ هڪ مثال ۽ امن ۽ ترقي جي علامت آهي، وزيراعظم عمران خان جي عظيم عوامي هال آمد تي چين جي وزيراعظم طرفان والهاڻو استقبال ٻنهي سدابهار دوستن جي لازوال ۽ گهري رشتي جو روشن باب آهي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ انساني بحران تي ڳالهه ٻولهه ان ڳالهه جي آئيندار آهي ته عمران خان هر محاذ تي ڪشميرين جي حق لاءِ ڄمي بيٺل آهي.