APP66-18 ISLAMABAD: September 18 – Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing the launching ceremony of "Global Peace Magazine & Think Tank". APP

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيڪي قومون پنهنجي مقرر ڪيل هدفن کي سامهون رکي انهن کي حاصل ڪن ٿيون اهي ڪڏهن به ناڪام ناهن ٿينديون، ڪامياب قومون ٻين جي لاءِ مشعل راهه هونديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل پيس ميگزين اينڊ ٿنڪ ٽينڪ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.