APP53-14 ISLAMABAD: August 14 - President Dr. Arif Alvi addressing the flag hoisting and Kashmir Solidarity Day ceremonies on the occasion of 72nd Independence Day. APP

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي اسان آزادي جو ڏهاڙو بهادر ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار طور ملهائي رهيا آهيون، ڀارت امن جي پاليسي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهي، جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته دنيا تي ان جا اثر پوندا، مذهبي جنونيت ڀارتي سيڪيولر معاشري جو چهرو بگاڙي رکيو آهي، ان سلسلي ۾ انساني حقن جي عالمي ادارن جون رپورٽون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن، قوم خاص طور تي نوجوان ڀارت طرفان ڪشميرين تي ظلم کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، وفاقي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن سميت اهم شخصيتن، اعليٰ عملدار ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود هئا.