APP37-16 ISLAMABAD: July 16 – President Dr. Arif Alvi chairing a briefing by Pakistan Bureau of Statistics (PBS) on Tablet (Android) Based Price Data Collection System at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري طرفان قيمتن جا انگ اکر جمع ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ سسٽم جي تياري کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئين نظام کي اختيار ڪرڻ سان قيمتن جا اعتبار جوڳا انگ اکر حاصل ٿيندا جڏهن ته ان سان پاليسي سازن کي وقت سر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو ايوان صدر ۾ پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري طرفان ٽيبليٽ (اينڊرائڊ) تي ٻڌل پرائس ڊيٽا ڪليڪشن سسٽم تي ڏنل بريفنگ ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.