APP48-16 ISLAMABAD: July 16 - Chairman US-Pakistan Business Council Dr. Mehmood Khan along with delegation called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ڪاروبار سان لاڳاپيل وزارتون سيڙپڪارن جي سهولتڪاري لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيون آهن، ڪاروباري برادري موجوده حڪومت کي ڪاروبار دوست ۽ مثبت سوچ رکندڙ ڏسندي. هن اها ڳالهه ڊاڪٽر محمود خان جي سربراهي ۾ يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات دوران چئي.