APP45-14 ISLAMABAD: May 14 - Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan along with Chairman of the Federal Board of Revenue, Syed M Shabbar Zaidi and Minister of State for Revenue, Barrister Hammad Azhar addressing a joint press conference at FBR. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم جي ناڻي، اقتصادي معاملن ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اوڳاڙين واري مملڪتي وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مشڪل ترين صورتحال مان گذري رهيو آهي، حڪومت ميڊيا جي حصيداري سان هر سطح تي عوام جي لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.