اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ميڊيا مالڪن ۽ سينيئر صحافين ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا مالڪن ۽ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي انهن کي ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو.