APP44-18 PESHAWAR: May 18 - Prime Minister Imran Khan addressing at the fund-raising dinner of Shaukat Khanum Memorial Trust Hospital. APP

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپخونخواهه ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ سڌارن تان ڪنهن به صورت ۾ پٺتي نه هٽنداسين، ڀڳڙن جي مٺ جيترا ڊاڪٽر مهم هلائي رهيا آهن، اسان نه بليڪ ميل ٿينداسين نه ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اينداسين، سرڪاري اسپتالن جي نجڪاري نه پئي ڪئي وڃي، شوڪت خانم اسپتال ۾ 75 سيڪڙو مريضن جو مفت علاج ٿي رهيو آهي. شوڪت خانم ڪينسر اسپتال پشاور جي لاءِ فنڊ ريزنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ 75 سيڪڙو مريضن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو.