اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف صبر واري جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي مديني جي رياست جي اصولن تي جوڙڻ جي لاءِ حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ رحم دلي، انصاف ۽ انسانيت جي عظمت جي بنياد تي معاشرو هموار هجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي 23 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف جو 23 هون يوم تاسيس آهي، اسان جي جدوجهد آزادي کان هينئر تائين ڪنهن به پارٽي کان تمام گهڻي عظيم آهي.