APP86-11 KARACHI: February 11 - President Dr. Arif Alvi being briefed regarding the Citizens-Police Liaison Office Committee. APP

ڪراچي – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سٽيزنز پوليس ليز ان ڪميٽي (سي پي ايل سي) جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته ان جي دائري ڪار کي سنڌ جي ٻين ضلعن تائين وڌايو وڃي، ڪراچي جي سمورن پوليس اسٽيشننز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وڃن، پرامن ڪراچي سان غير ملڪي سيڙپڪاري وڌندي. هن اها ڳالهه سٽيزنز پوليس ليز ان ڪميٽي جي مرڪزي رپورٽنگ سيل جي دوري دروان چئي.