APP105-30 ISLAMABAD: January 30 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Textile Sector at PM Office. APP

اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٽيڪسٽائيل شعبي جي بحالي جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، ملڪي معيشت جي بهتري ۽ استحڪام جي لاءِ دولت جي پيداوار ۽ ملازمتن جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن اها ڳالهه ٽيڪسٽائيل سيڪٽر بابت معاملن تي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.