APP10-05 ISLAMABAD: December 05 – Managing Director APP Qamarullah Chaudri exchanging view with Ambassador of Belarus Andrei G. Ermolovich during his visit to APP Headquarters. APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ – بيلاروس سفارتي لاڳاپن جي 25 هين سالگرهه کي شاندار طريقي سان ملهائڻ لاءِ بيلاروس اسلام آباد ۾ ڪيتريون ئي تقريبون منعقد ڪرڻ جا پروگرام جوڙي رهيو آهي، اها ڳالهه پاڪستان ۾ بيلاروس جي سفير اينڊرائي ارمولوچ قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي هيڊ آفيس جي دوري دوران چئي، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر قمر الله چوڌري سان ملاقات ۾ اي پي پي ۽ بيلاروس جي خابرو اداري ”بيلٽا“ جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي شعبي ۾ تعاون جو جائزو ورتو ويو.