APP78-26 ISLAMABAD: November 26 - Chaudhry Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting addressing the launching ceremony of Federal Information Commission as part of 100 days Agenda. APP

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته انفارميشن ڪميشن جي جوڙجڪ کانپوءِ وفاق ۾ اطلاع تائين پهچ جو قانون لاڳو ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب صحافين ۽ عام عوام جي لاءِ قانون جي ذريعي اطلاعات تائين پهچ جو نظام واضح ڪيو ويو آهي، اطلاعات تائين پهچ جي قانون سان شفافيت وڌيڪ ۽ ڪرپشن گهٽ ٿيندي، وسل بلور ايڪٽ به ويجهو ئي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. هو سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي اهتمام هيٺ فيڊرل انفارميشن ڪميشن جي لانچنگ جي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.