APP72-13 RAWALPINDI: November 13 - General Qamar Javed Bajwa, Chief of Army Staff (COAS) chairing 215th Corps Commanders’ Conference at GHQ. APP

راولپنڊي– 13 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ 215هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ جيو اسٽريٽجڪ ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق اڱاري ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ 215هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي.