APP84-19 ISLAMABAD: October 19 - President Dr. Arif Alvi addressing the inaugural Session of international Symposium 'Creating a Water-Secure Pakistan’ at Supreme Court of Pakistan. APP

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ آبي ذخيرن جي فوري تعمير کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ اسان کي قوم طور ان کي محفوظ بڻائڻو آهي، قومي آبي پاليسي تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آبي مسئلا حل ڪرڻا پوندا، اسان سڀني کي پهرين پاڪستان جي باري ۾ سوچڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ اتفاق راءِ ۽ گڏيل اعتماد سازي جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ”آبي طور محفوظ پاڪستان جي جوڙجڪ“ بابت ٻن ڏينهن واري عالمي سمپوزيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.