APP19-02 ISLAMABAD: October 02 - H.E. Paul Jones, U.S. Chargé D’affaires called on Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting. APP

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثقافتي شعبي ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي ثقافت ۽ قدرن کي فروغ ڏيڻ لاءِ فلم هڪ اهم ذريعو آهي، آمريڪا پاڪستان ۾ فلم ۽ سيمينا جي صنعت جي بحالي لاءِ مدد فراهم ڪندو، سينيما جي بحالي سان ماڻهن کي تفريح ميسر ايندي ۽ اقتصادي سرگرميون وڌڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ميڊيا کي موجوده نئين چونڊيل حڪومت طرفان وڏي مثالي آزادي حاصل آهي ۽ سمورا ادارا اظهار جي آزادي تي يقين رکن ٿا، آمريڪي سفارتخاني جي وقتي ناظم الامور پال جونز ساڻس ملاقات ڪئي