APP81-13 LAHORE: October 13 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing to the veteran film makers and producers of Pakistan Film Industry. APP photo by Rana Imran

لاهور – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جي سافٽ اميج کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان فلم انڊسٽري کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت پاڪستاني ڊرامن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ملڪ ۾ هلندڙ انٽرنيشنل ڊرامن تي ٽيڪس هڻي رهي آهي، سعودي عرب پاڪستان کان فلمون ۽ ڊراما خريد ڪري رهيو آهي جنهن سان فلم انڊسٽري ۽ معيشت ۾ بهتري ايندي، هڪ سال جي اندر ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ اي پي اين ايس ۽ براڊ ڪاسٽرز کي پارٽنر بڻجڻ جي آفر ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پاڪستان فلم پروڊيوسرز ۽ نمائش ڪندڙن جي ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.