APP52-03 ISLAMABAD: September 03 - Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting in a meeting with UAE media delegation. APP

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏيل عرب اماراتن (يو اي اي) جي ميڊيا وفد ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۽ يو اي اي جا لاڳاپا تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان گڏيل احترام، مضبوط دوستي تي ٻڌل لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته صدر شيخ خليفه بن زيد کي سدائين پاڪستان ۾ عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، پاڪستان يو اي اي سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي.