APP51-31 ISLAMABAD: August 31 - Minister for Foreign Affairs of the Islamic Republic of Iran Javad Zarif in a meeting with Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خطي ۾ مڪمل امن ۽ استحڪام جي بحالي تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪسان ۽ ايران وسيع تر گڏيل رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ذريعي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو، مسلمان ملڪن کي اسلام فوبيا کي هڪ آواز ٿي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.