APP43-11 ISLAMABAD: July 11 - Probationary officers from Pakistan Administrative Service (PAS) and AJK Administrative Services call on Prime Minister Justice (R) Nasir-ul-Mulk at Prime Minister Office. APP

اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ سان پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ايڊمنسٽريٽو سروس جي سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ تربيت هيٺ 55 پروبيشنري آفيسرن جي هڪ بئچ ملاقات ڪئي. وزيراعطم آفيسرن کي سول سروس ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي نوڪري دوران اعليٰ پيشيواراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪن.