اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون سان نائيجيريا جي اڳوڻي صدر ۽ دولت مشترڪه مبصر گروپ جي سربراهه جنرل (ر) عبدالسلامي اي ابوبڪر پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عالمي اليڪشن مبصر مشن جي آجيان ڪرڻ پاڪستان جي روايت آهي، ملاقات دوران پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت معاملن کي بحث هيٺ آڻيندا.