APP17-23 ISLAMABAD: July 23 - Prime Minister Justice (R) Nasir-ul-Mulk inaugurating display of vintage cars at Pakistan Monument Museum. APP

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ پاڪستان مونومينٽ ۾ تاريخي اهميت رکندڙ ٻن ونٽيج ڪارن جي نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو جيڪي ملڪ جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن ۽ وقت بوقتن دور وڪندڙ مشهور شخصيتن جي استعمال ۾ رهيون، رولز رائس سلور شيڊو ۽ مرسڊيز پل مين ايس 600 وزيراعظم آفيس جي طرفان پاڪستان مونومينٽ ميوزيم کي تحفي طور پيش ڪيون ويون آهن ۽ عوام جي لاءِ انهن جي نمائش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ ان تاريخي ڪارن جي نيلامي روڪي تحفظ جو فيصلو ڪندي انهن کي ميوزيم ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته ان کان پهرين انهن کي نيلام ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي.