اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي صحت جي خرابي بابت خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب صدر نگران وزيراعظم کي ٽيليفون ڪري اڳوڻي وزيراعظم جو مڪمل علاج يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.