اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) نگران قانون ۽ انصاف واري وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته آزاداڻيون، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي، نگران حڪومت آزاداڻي، شفاف ۽ منصفاڻين چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي، سينيٽ جي اجلاس ۾ عام چونڊون 2018ع جي آزاداڻي، شفاف ۽ پرامن انعقاد جي حوالي سان ميمبرن جي ڳڻتي بابت حڪومتي موقف پيش ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ اليڪشن ڪميشن کي خودمختيار بڻايو ۽ آئين ۽ قانون موجب اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي آزاداڻين، شفاف ۽ منصفاڻين چونڊن لاءِ مدد فراهم ڪرڻ نگران حڪومت جي ذميداري آهي.