APP52-27 ISLAMABAD: June 27 – Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani in a group photo with the Chinese delegation at Parliament House. APP

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستاڻن لاڳاپن جي تاريخ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي ۽ اهي رابطا وقت گذرڻ سان گڏ اقتصادي ۽ واپاري سطح تي وڌيڪ مستحڪم ٿي ويا آهن، پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ گڏيل منصوبن جي نئين روايت وجهڻ سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ چيني ڪمپنيون سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي ڪمپنين جي هڪ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.