اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ خاص طور تي نار خطي ۾ حڪومتن ۽ لاڳاپيل کاتن سان رابطا قائم ڪيا وڃن. هن اها هدايت سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت جي معاملن بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي ڏني.