APP52-25 SHEIKUPURA: May 25 - Prime Minister of Pakistan Shahid Khaqan Abbasi addressing after inaugurating the gas-supply at Mananwala. APP photo by Chaudhry Ansar

شيخوپوره – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڪارڪردگي ۽ خدمت جي بنياد تي چونڊن ۾ ويندي، عوام پوري جوش ۽ جذبي سان مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪرائيندي، عوام ٻهروپين ۽ وفاداريون تبديل ڪندڙن کان بچي ۽ اليڪشن ۾ کين ان جو جواب ڏي، اسان پوري ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، هو شيخوپوره جي علائقي ماناواله ۾ گئس جي فراهمي جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.