APP21-11 ISLAMABAD: May 11 – Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairs meeting of Economic Coordination Committee (ECC) at PM Office. APP

اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو، اجلاس پاسڪو کان 35 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فاٽا جي عارضي طور تي لڏپلاڻ ڪندڙ خاندانن (ٽي ڊي پيز) ۾ ورهائڻ لاءِ ورلڊ فوڊ پروگرام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني، اي سي سي پي اءِ اي سي ايل کي جهازن جي انجڻ جي اوور هالنگ جي سلسلي ۾ گهربل خرچ پورو ڪرڻ لاءِ 20 ارب روپين جي اضافي گارنٽي فراهمي جي به منظوري ڏني.